گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي حسين هارون چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي سان سنڌ کي فائدو نه ٿيندو

hussain haroon larkana

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي حسين هارون چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي سان سنڌ کي فائدو نه ٿيندو، حڪمران ٻين ملڪن کان قرض وٺي هتي روڊ ٺهرائي رهيا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪندي حسين هارون چيو ته حڪمران عوام کي قرضن ۾ ڦاسائي رهيا آهن، ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته حڪمران مڪمل طور ناڪام ويا آهن، پي آءِ اي سميت سڀئي ادارا تباهي جي ڪناري تي پهتل آهن.

حسين هارون چيو ته هاڻي ملڪ ۾ صفائي وارو ڪم به چيني ڪري رهيا آهن، جيڪا حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*