نوابشاهه لڳ زمين جي تڪرار تان ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آهي ، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

nawabshah

نوابشاهه لڳ زمين جي تڪرار تان ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آهي ، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ پناهه ڏاهري ۾ ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب 27 ورهين جو قدير ڏاهري قتل ٿي ويو، رشيد ڏاهري ۽ شريف ڏاهري زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کي وارثن نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو.

پٻجو ٿاڻي جي پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جهيڙو ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*