اليڪشن ڪميشن غير ملڪي پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي 7 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

Election-Imran-jahagir-231116

اليڪشن ڪميشن غير ملڪي پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي 7 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ هاشم علي ڀٽا جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ به اهڙو ئي ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن سبب سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي روڪي وئي.

درخواستگذار جي وڪيل شرافت چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته سندن ڪيس غيرقانوني فنڊ جو آهي، جيڪڏهن عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ هتي ڇو نه ٿو ڏئي.

عمران خان جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست جي ٻڌڻي کان روڪي نه ٿي سگهي.

ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن عمران خان کي 2010 کان 2015 تائين پارٽي فنڊنگ جي حوالي سان جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي 7 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*