دادو ۾ضلعي جي سرڪاري اسپتالن اندر سهولتن جي کوٽ خلاف سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهروڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

dadu hospital

دادو ۾ضلعي جي سرڪاري  اسپتالن اندر سهولتن جي کوٽ خلاف سماجي ڪارڪنن  احتجاجي مظاهروڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

هيومن رائيٽس فورم طرفان عبدالستار سولنگي ۽ گلشير جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻڻ بعد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ضلعي جي بنيادي صحت مرڪزن جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪاغذي ڪارروائي ذريعي هڙپ ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته دوائون نه ملڻ سبب غريب مريض پريشان آھن، بار بار دانهڻ باوجود ڊي ايڇ او ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

 هنن چيوته اسپتالن ۾دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*