سيڊا گوٽڪي ۾ مبينا ڪروڙين روپين جي ڪرپشن خلاف ايريگيشن ٽريڊ يونين پاران ڪمون شهيد کان ڪراچي لاءِ نڪتل ملازمن جو لانگ مارچ ٻي ڏينهن اوٻاوڙي کان ڏهرڪي پهتو

ghoti arrigation

سيڊا گوٽڪي ۾ مبينا ڪروڙين روپين جي ڪرپشن خلاف ايريگيشن ٽريڊ يونين پاران ڪمون شهيد کان ڪراچي لاءِ نڪتل ملازمن جو لانگ مارچ ٻي ڏينهن اوٻاوڙي کان ڏهرڪي پهتو.

لانگ مارچ جي اڳواڻي يونين اڳواڻ ميان عبدالرحيم ڀارو، عرفان رند ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته سيڊا گهوٽڪي ۾ شاخن  ۽ واهن جي کاٽي جي مد ۾ آفيسرن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سندن جدوجهد جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*