هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

halani

هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي هڪ ڌر پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ حاجي احمد خان گوپانگ ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ معشوق گوپانگ ۽ ياسمين سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل معشوق گوپانگ ۽ ياسمين سميت چئن ڄڻن کي وارث کڻائي هالاڻي ٿاڻي تي پهتا، جتي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ خلاف زخمين جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 صحافين آڏو دانهيندي زخمي ٿيل معشوق علي گوپانگ، ڪيھر خان ۽ ٻين چيو ته اسان زمين تي ڪم ڪري رهيا هيا سين تـه علي محمد، رحمان ۽ ٻين ڪهاڙين ۽ لٺن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ معشوق گوپانگ ۽ ياسمين سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

 هنن ايس ايس پي نوشهرو فروز کان مطالبو ڪيو واقعي جو وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*