ميرپورخاص ۾عورت گھر ڀاتين سان گڏجي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

mirpurkhas women pro

ميرپورخاص ۾عورت گھر ڀاتين سان گڏجي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

سيٽلائيٽ ٽائون واسي عورت زيب النساءُ، مڙس دلاور ۽ نياڻي حزيرا فاطمه سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

عورت زيب النساءُ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر منور جٽ ۽ عباس جٽ نياڻي کي اغوا  ۽ مڙس کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.

هن چيو ته بااثرن پوليس سان ملي مڙس خلاف ٽنڊي باگي ٿاڻي تي هڪ شخص کي زخمي ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

 هن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو  ڪيو ته سندس مڙس تي داخل ڪيس کي ميرپورخاص جي عدالت ۾ منتقل ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*