اينٽي ڪرپشن سنڌ ٽريفڪ پوليس ۽ ڪي ايم سي کي غيرقانوني پارڪنگ جو ذميوار قرار ڏئي ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪارن ۽ ڪي ايم سي عملي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي

anty-police

اينٽي ڪرپشن سنڌ ٽريفڪ پوليس ۽ ڪي ايم سي کي غيرقانوني پارڪنگ جو ذميوار قرار ڏئي ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪارن ۽ ڪي ايم سي عملي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب اينٽي ڪرپشن کاتي کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چارجڊ پارڪنگ جون شڪايتون مليون، جنهن جي جاچ ۾ ٽريفڪ پوليس ۽ ڪي ايم سي عملي ملوث ڏٺو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ سبب ڪراچي جي صدر ۽ گارڊن وارن علائقن ۾ ٽريفڪ بري طرح  متاثر ٿئي ٿي.

اينٽي ڪرپشن موجب غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ ذريعي شهرين کي لٽيو پيو وڃي، جنهن ۾ ملوث ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۽ ڪي ايم سي عملي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*