سنڌ هاءِ ڪورٽ هيوي ٽريفڪ جي گاڏين لاءِ ٽي روٽس طئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، حڪم بعد هيوي گاڏين کي شهر جي شاهراهن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ هيوي ٽريفڪ جي گاڏين لاءِ ٽي روٽس طئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، حڪم بعد هيوي گاڏين کي شهر جي شاهراهن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي.

هيوي ٽريفڪ ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪندي چيو ته هيوي ٽريفڪ شهر اندر طئي ڪيل ٽن روٽس تان گذري سگهندي، جنهن ۾ پهريون رستو سپر هاءِ وي کان نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا هوندو، پر شهري جي اندر شاهراهن تي هلڻ جي اجازت نه هوندي.

عدالت حڪم ۾ چيو ته هيوي ٽريفڪ جو ٻيون روٽ نيشنل هاءِ وي کان ڄام صادق پل کان هوندو، جڏهن ته ٽيون رستو ناردرن باءِ پاس کان ڪراچي پورٽ تائين هوندو.

عدالت روٽس تي ٽريفڪ رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي حڪم ڏنو.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي جي ٽينڪرز، ٻارڻ ۽ عام واهپي جي سامان سان ڀريل گاڏيون هيوي ٽريفڪ روٽس واري حڪم کان آجيون هونديون.

سنڌ حڪومت پاران آئل ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد منتقل نه ڪرڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌ حڪومت پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل تي آئل ٽينڪرز منتقل ڪري سگهجن ٿا.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته هيوي ٽريفڪ کي داخل ڪرڻ لاءِ شهر جي ٻاهران چئن رستن تي انٽري پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته شهر ۾ هيوي ٽريفڪ بابت عدالت جي 22 مئي واري حڪم جي ڪاپي ادارن کي اماڻي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*