سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ شڪارپور سانحي خلاف جسقم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ شڪارپور سانحي خلاف جسقم جي مرڪزي سنڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

ٽنڊو الهيار ۾ جسقم ڪارڪنن اڪرم پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ٺل ۾ جسقم ۽ مختلف قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن، جوش ٻرڙو، محمد شمن سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

رتوديرو ۾ جسقم ڪارڪنن شڪارپور سانحي ۽مذهبي انتهاپسندي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ڄام صاحب، تنگواڻي، جوهي، محرابپور، ڪشمور، ڏوڪري، خيرپور ناٿن شاهه، سجاول، جوهي، دوڙ، رتو ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ به جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

هنن مطالبو ڪيو ته شڪارپور سانحي جي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري سنڌ مان مذهبي انتهاپنسدي جو خاتموآندو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*