لعلورائنڪ ۾ ڳوٺ جيئو خان مغيري جي ڳوٺاڻن پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

lalurakian

لعلورائنڪ ۾ ڳوٺ جيئو خان مغيري جي ڳوٺاڻن پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

لياقت مغيري ۽ خادم حسين مغيري جي اڳواڻي ۾ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته جيئو خان مغيري پراڻو ڳوٺ آهي، جتي روڊ، گندي پاڻي نيڪال واريون ناليون ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري هو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين روڊ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال  وارين نالين سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*