ڪنڌڪوٽ ۾ بجلي ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ۾ بجلي ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال نيو ويو.

شهر جي گولا موڙ وٽ ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ راهب گولو، سانوڻ گولو ۽ قربان گولي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين مان راهب گولي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس رحيميار خان اسپتال نيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*