ٺل ڀرسان ڳوٺ محمد پناهه چنو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين پاران روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ٺل ڀرسان ڳوٺ محمد پناهه چنو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين پاران روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
دين محمد چنو ۽ شريف کوسو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
مظاهرين چيو ته 16 ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهندڙ روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪو به عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته روڊس کاتي جا عملدار ۽ ٺيڪيدار پاڻ ۾ ملي ڪري پئسا هڙپ ڪري رهيا آهن.
ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪري ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.