ڳڙهي خيرو لڳ ڳوٺ ريحان خان جمالي ۾ ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا جاري آهن، جنهن ۾ ڀلوڙ ڏاندن جا جوڙا حصو وٺي رهيا آهن

ghari khero mukablo

ڳڙهي خيرو لڳ ڳوٺ ريحان خان جمالي ۾ ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا جاري آهن، جنهن ۾ ڀلوڙ ڏاندن جا جوڙا حصو وٺي رهيا آهن.

گوءِ جي هڪ هفتي کان جاري مقابلنِ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي پهرين جوڙ جي ڏاندن حصو ورتو.

گوءِ ۾ جهرڪي، لوٽو، نيرو، چريو، بروهي، ڪيپري، سونارو، اميراڻو ۽ ٻين ڏاندن جي جوڙي خوب پاڻ ملهايو.

اڄ جي مقابلن ۾ لوٽو ڏاندن جي جوڙي جهرڪي جوڙي کي زبردست مقابلي بعد شڪست ڏئي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

گوءِ جا مقابلا ڏسڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا هزارين خفتي ڳڙهي خيرو پهتل آهن.

بلوچستان واسي هڪ خفتي ٻڌايو ته ٻي هنڌ گوءِ تي پابندي آهي، جنهن ڪري ڳڙهي خيرو ۾ هلندڙ گوءِ ۾ شرڪت ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري رهيا آهيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*