تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نااهلي بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ 35 صفحن تي ٻڌل جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

Supreme-Court-Pak-Imran-6517

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نااهلي بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ 35 صفحن تي ٻڌل جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

نوازليگ اڳواڻ حنيف عباسي عمران خان مٿان آف شور ڪمپنيز هئڻ جا الزام لڳائيندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ته ناجائز اثاثا ٺاهڻ ۽ ان حوالي سان ڄاڻ ڳجهي رکڻ تي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان الزامن جو جواب طلب ڪيو هو، جنهن تي سندس وڪيل 35 صفحن تي ٻڌل جوابي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

جمع ڪرايل جواب ۾ لنڊن فليٽ جي خريداري، وڪري، ان رقم جي ملڪ پهچائڻ، آف شور ڪمپني نيازي لميٽڊ جي اڪائونٽس جا تفصيل ۽ جمائما خان سان طلاق بعد ڏيتي ليتي بابت دستاويزي ثبوت شامل آهن.

عمران خان جو چوڻ آهي ته هن ڪرڪيٽ جي ڪمائي مان لنڊن ۾ فليٽ ورتو، جنهن لاءِ سمورا ٽيڪسز ادا ڪيا هئا، بني گالا ۾ گهر جمائما ٻارن لاءِ ورتو هو، جيڪو طلاق بعد کيس مليو.

جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ملڪيتن جي ڪنهن به سودي يا رقمن جي منتقلي کي ڳجهو ناهي رکيو ويو، هر موقعي تي ٽيڪسز ادا ڪيا ويا آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*