ايف آءِ اي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي انساني اسمگلنگ ۽ فراڊ ۾ ملوث 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

FIA-7916

ايف آءِ اي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي انساني اسمگلنگ ۽ فراڊ ۾ ملوث 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي فيصل آباد ۾ ڪارروائي ڪندي ريلوي جي ڪلارڪ اظهر صديقي کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب جوابدار تي ريلوي جي زمين غيرقانوني طور تي ليز تي ڏيڻ ۽ شهرين کان پيسا وٺي جعلي ڪاغذ ڏيڻ جا الزام آهن.

گوجرانوالا ۾ به ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي 3 انساني اسمگلرز الياس عرف مودا ڪشميري، عباس ۽ قمر شهزاد کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي گيپڪو وزيرآباد سب ڊويزن جي فورمين سميت مختلف ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*