سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن کي 29 مئي تي طلب ڪري ورتو

Sindh-Highy-Court-KE-24517

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست  تي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن کي 29 مئي تي طلب ڪري ورتو، عدالت چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي خاموش نٿا ويهي سگهون، 2015ع ۾ ڪيترائي ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيا هئا، ڇا هينئر به ڪنهن جي مرڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عرفان سعادت جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ داخل درخواست واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار  وڪيل فيصل صديقي پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهري پريشان آهن.

هن چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان روڪيو هو ان باوجود به شهر ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

عدالت چيو ته 2015ع ۾ ڪيترائي ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيا هئا، ڇا هاڻي به ڪي اليڪٽرڪ ماڻهو مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇا ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا لوڊشيڊنگ جي جن کي قابو نٿا ڪري سگهن.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لوڊشيڊنگ ڄامشوري ۾ٿنڀو ڪرڻ ۽ گئس جي گهٽتائي سبب ٿئي پئي، سنڌ حڪومت گئس جي گهٽتائي سبب احتجاج به ڪري رهي آهي.

عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن کي 29 مئي تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*