بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا

kalat-map10-8

بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

قلات ۾ سڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن ڪيو ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، اهلڪارن جي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد ٿڏي تي مارجي ويو.

سڪيورٽي فورسز موجب سرچ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي فورسز موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻن اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن کي اڻڄاتال هنڌ منتقل پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*