قومي ايئر لائين جي جهازن مان هيروئن هٿ اچڻ کانپوءِ پي آءِ اي عملدار ۽ ٻيا ادارا جاڳي پيا آهن

PIA-PK788-131216

قومي ايئر لائين جي جهازن مان هيروئن هٿ اچڻ کانپوءِ پي آءِ اي عملدار ۽ ٻيا ادارا جاڳي پيا آهن، پرڏيهه ويندڙ اڏامن جي سخت چيڪنگ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي.

مختلف ادارن پاران چيڪنگ ڪرڻ سبب پرڏيهه ويندڙ پي آءِ اي جون اڏامون دير جو شڪار ٿيڻ لڳيون آهن.

اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لنڊن ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام کي به روڪيو ويو، اي ايس ايف، اي اين ايف ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 785 جي چيڪنگ ڪئي.

پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ڪنهن به فلائيٽ کي ٽيڪ آف کان نه روڪيو ويو آهي، چيڪنگ سبب فلائٽس جي روانگي ۾ دير ٿي رهي آهي.

ترجمان موجب جهاز مان هيروئن هٿ اچڻ بعد چيڪنگ وارو عمل سخت ڪيو ويو آهي، فلائٽس جي چيڪنگ مختلف ادارا ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته پي آءِ اي جي جهاز مان ٻه ڀيرا هيروئن هٿ ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ادارن پاران ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*