نيب احتساب عدالت ۾ زمين جي کاتن ۾ ڦير ڦار ڪري ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن شاذر شمعون ۽ ٻين خلاف 53 ارب رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

ATC Karachi

نيب احتساب عدالت  ۾ زمين جي کاتن ۾ ڦير ڦار ڪري ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن شاذر شمعون ۽ ٻين خلاف 53 ارب رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي جوابدار جوابدارن کي 5 جون تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

احتساب عدالت جي جج ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته شاذر شمعون ۽ ٻين جوابدارن زمين جي کاتن ۾ ڦير ڦار ڪري 53 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي.

عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شاذر شمعون ۽ ٻين جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري 5 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*