هالي ووڊ فيم موگل جيري لاس اينجلس ميوزيم کي 500 ميلن ڊالرز ڏيڻ جا فنپاره ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي

اسپينش ٻولي جي ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي چيف ايگزيڪٽو ۽ هالي ووڊ فيم موگل جيري پيرنچيو لاس اينجلس ڪائونٽي ميوزيم کي 500 ملين ڊالرز جا شاهڪار فنپاره تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

83 ورهين جي موگل جيري اعلان ڪيو آهي ته هو مونيٽ، ڊيگاس، پڪاسو ۽ ٻين مصورن جا ڪيترائي شاهڪار فنپارا جن جي ماليت 500 ملين ڊالر آهي، اُهي ميوزيم کي هو تحفي طور ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته هو ميوزيم انتظاميه کي شاهڪار قسم جا 47 فنپارا تحفي طور ڏئي رهيو آهي، جيڪي ميوزيم لاءِ بهترين ورثو هوندا.

هن چيو ته هو ميوزيم کي جيڪي سوکڙيون ڏئي رهيو آهي، انهن ۾ پينٽنگس، ڪاغذي ڪم، مجسما ۽ ٻيون شيون شامل آهن، جيڪي 1870 کان 1930 واري زماني سان واسطو رکندڙ آهن.

هن چيو ته هو لاس اينجلس ۾ 70 سال ٽِڪيو آهي، اِن عرصي دوران هِن شهر نه رڳو کيس تاتيو پاليو ۽ سنڀاليو آهي پر کيس عزت سان به مالا مال ڪيو آهي، تنهنڪري هو چاهي ٿو ته شهر کي ڪجهه موٽائي تنهنڪري هو شهر کي اهي سموريون شيون ڏئي رهيو آهي جيڪي ڪڏهن هُن لاءِ وڏي معني رکنديون هيون ۽ جيڪي هُن وڏن ڪشالن سان هٿ ڪيون هيون.

هن چيو ته کيس ۽ سندس گهر ڀاتين کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هو شهر کي ڪجهه اهڙو ڏئي رهيا آهن، جيڪو شهر جي قيمتي اثاثن ۾ شمار ٿين ٿا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*