ميهڙ ڀرسان ڪاڇي واري علائقي ۾ سيد عبدالله شاهه المعروف شاهه گودڙيو جي سالياني عرس تقريبون شروع ٿي ويون

ميهڙ ڀرسان ڪاڇي واري علائقي ۾ بزرگ حضرت سيد عبدالله شاهه المعروف  شاهه گودڙيو جي سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاندئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ميانوال تحريڪ جي مشهور جرنيل ، بزرگ ۽ اولياءُ حضرت سيد عبدالله شاهه المعروف شاهه گودڙيو جي سالياني عرس شروع ٿي ويو آهي. درگاهه جي فقيرن ارباب چانڊيو، فقير سردار چانديو ۽ ٻين شاهه گودڙيو جي مزار تي چادر چاڙهي ميلي جي تقريبن جو آغا ڪيو.

شاهه گودڙيو جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ پاندئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، ميلي 4 ڏينهن تائين جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*