نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته خان صاحب بهادر ٿئي، عورتن پٺيان نه لڪي، عمران خان کي پنهنجيون آف شور ڪمپنيون حلال ۽ ٻين جون حرام نظر اينديون آهن

talal chodhary

نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته خان صاحب بهادر ٿئي، عورتن پٺيان نه لڪي، عمران خان کي پنهنجيون آف شور ڪمپنيون حلال ۽ ٻين جون حرام نظر اينديون آهن، مني ٽريل ۾ جمائمه ۽ عمران خان جا بينڪ اسٽيٽمنٽس نه آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته وزيراعظم اسڪولن جي في سميت ملز جو به حساب ڏنو، عمران خان پنهنجا اڪائونٽ نمبر ٻڌائي ته ڪهڙي اڪائونٽ مان جمائمه کي پيسا مليا، عمران خان وٽ نه بني گالا ۽ نه فليٽ جو حساب آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي ته عمران خان جمائمه کي ڪهڙي ريت رقم موڪلي.

هن چيو ته هو عمران خان کان مني ٽريل وٺي رهندا، سندن قطري خط حرام ۽ عمران خان جو عجمي خط حلال آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ارشد خان ڪير آهي ۽ ڪنهن جو مائٽ آهي؟

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان مني ٽريل نه پر ڪوڙ جي ٽريل ڏني، عمران خان کي منع ڪيو هو ته اهڙا قدم نه کڻي.

طلال چوڌري چيو ته وزيراعظم ٽن نسلن کان ويندي بجلي جي بلن جو حساب ڏنو، نواز شريف  گذريل 50 سالن جو حساب ڏنو پر عمران خان ته پنج سالن جو به حساب نه پيو ڏئي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*