وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ۽ شفافيت يقيني بڻائي وڃي

pm

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ۽ شفافيت يقيني بڻائي وڃي.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ نئين مالي سال 18-2017 جي بجيٽ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاق  وزير اسحاق ڊار، ترقي ۽ رٿا بندي واري وزير احسن اقبال شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ بابت غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته عوام دوست بجيٽ ڏني ويندي جنهن ۾ وڌيڪ ٽيڪس نه لڳايا ويندا.

ذريعن موجب نئين مالي سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 4 هزار 778 ارب رپيا هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*