وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪي پي ڪي ۾ به شڪست ملندي

khuwaja saad rafiq

وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪي پي ڪي ۾ به شڪست ملندي، تضادن جو شڪار ڪپتان هاڻي جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته وڪيلن وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪيو آهي، جيڪي بيان اچي رهيا آهن اهي انفرادي آهن.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جي شخصيت تڪراري آهي، بني گالا تي عمران خان جو نئون  بيان سامهون آيو آهي ته اهو کيس  جمائمه خان تحفي طور ڏنو هو.

خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان بني گالا جي خريداري بابت جمائمه خان جي بئنڪ اسٽيٽمنٽ پيش نه ڪري سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*