نوابشاهه ۾ اين سي ايڇ ڊي ملازمن پاران چيئرپرسن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah n c h d

نوابشاهه ۾ اين سي ايڇ ڊي ملازمن پاران چيئرپرسن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اين سي ايڇ ڊي ملازمن  عبدالفتاح مورو ۽ عبدالستار مشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ملازمن الزام مڙهيو ته اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن زرينه عالم اداري ۾ من پسند ملازم ڀرتي ڪري سينئر ملازمن کي هراسان ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن چتاءُ ڏنو ته چيئرپرسن جي زيادتين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*