دادو جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 25-25 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي
دادو جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 25-25 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج دادو سلطان احمد لغاري 2013 ۾ قتل ٿيل حاجي لائق رودناڻي جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٻن جوابدارن امان الله رودناڻي ۽ ڪرم علي جمالي کي 25-25 سال قيد ۽ ھڪ-ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جوابدارن کي سزا اچڻ بعد دادو جيل منتقل ڪيو ويو، ٻنهي جوابدارن خلاف 2013 ۾ جوهي ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.