نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فياض قريشي چيو آهي ته، نيب طرفان سنڌ جي ٻن سياستدانن خلاف جاچ هلي رهي آهي

nab director

  نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فياض قريشي چيو آهي ته، نيب طرفان سنڌ جي ٻن سياستدانن خلاف جاچ هلي رهي آهي، سنڌ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم نيب ڪاررواين سبب ٿي رهيا آهن.

پلي بارگيننگ وسيلي واپس ڪرايل رقم جا چيڪ سکر آءِ بي اي ۾ ادارن ۾ ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي فياض قريشي چيو ته، معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي.

ڊي جي نيب ٻڌايو ته سنڌ جي ٻن سياستدانن ستار راڄپر ۽ ضياءُ الحسن لنجار خلاف جاچ هلي رهي آهي، جڏهن ته سکر سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نيب جي ڪاررواين سبب ٿي رهيا آهن.

فياض قريشي ٻڌايو ته بجلي جي بلن ۾ ڊٽيڪشن ۽ اوور  ريڊنگ ذريعي ٿيندڙ ڪرپشن روڪڻ لاءِ بلز تي ميٽر جي ريڊنگ وارو فوٽو لڳايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*