خيرپور جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ 7 ڏينهن وارو فيسٽيول ڇهين ڏينهن به جاري رهيو

khairpur drama

خيرپور جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ 7 ڏينهن وارو فيسٽيول ڇهين ڏينهن به جاري رهيو.

اوپن ايئر ٿيٽر ۾ مختلف ضعلن جي آرٽسٽن طرفان ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو جو لکيل اسٽيج ڊرامو “هوا” پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ اختر کوکر، ڪاجل سنڌو ۽ ٻين اداڪارن فن جو مظاهرو ڪيو.

ڊراما فيسٽيول ۾ خيرپور جي شهرين پنهنجن ٻارڙن سان گڏ، جڏهن ته خيرپور جي تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين به شرڪت ڪئي.

انموقعي تي پ پ پ اڳواڻ منور وساڻ، خاص مهمان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رياض وساڻ ۽ ٻين چيو ته اداڪار اسان جو سرمايو آهن، سندن ڀرپور مدد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*