ڪوئيٽا ۾ پوليو مهم دوران هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو رضاڪارن جو سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو

ڪوئيٽا ۾ پوليو مهم دوران هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو رضاڪارن جي سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو ۽ ٻارڙي زخمي ٿي پئي آهي.

پوليس موجب، پشتوآباد ۾ پوليو مهم دوران اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار زين الله مارجي ويو ۽ ٻارڙي زخمي ٿي پئي.

پوليس موجب، پستون آباد ۾ تنگ گهٽين ۾ مهم دوران نامعملو هنڌ کان هٿياربند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب، واقعي سبب ڄاڻايل هنڌ تي مهم روڪي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ٻي پاسي پوليو مهم دوران موٽرسائيڪل ۽ هٿيارن جي نمائش تي اڳواٽ ئي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*