قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، ايوان ۾ مخالف ڌر پاران ميٽرو بس منصوبي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته  سينيٽر ايم حمزه ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏني.

اجلاس ۾ پ پ سينيٽر سعيده اقبال  اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته ميٽرو بس منصوبو عوام کي فائدو نه ٿيندو، جنهن تي مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته هي غريبن جو منصوبو آهي، وڏين گاڏين وارا تنقيد نه ڪن.

سعيده اقبال چيو ته حنيف عباسي ميٽرو بس منصوبي اسلام آباد ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، منشيات جا ڪيس داخل هئڻ باوجود ان کي منصوبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

 سعيد اقبال ميٽرو بس منصوبي تي وڌيڪ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊپٽي چيئرمين کيس روڪي ورتو، جنهن تي اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا.

مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته مخالف ڌر جو اهو طريقيڪار صحيح ناهي، روز ڪنهن معاملي کي بنياد بڻائي احتجاج ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*