سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته آءِ جي سنڌ ٻاراڻي حرڪت ڪئي آهي

khi home minister ijlas

سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته آءِ جي سنڌ ٻاراڻي حرڪت ڪئي آهي، آءِ جي گهرو سيڪريٽري جي اجازت کانسواءِ اسلام آباد ويو آهي ته ان خلاف محڪماتي ڪارروائي ٿيندي، آءِ جي سنڌ جي اچڻ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، اي ڊي خواجه کان اڳ ئي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر هئي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال پاران سڏايل اهم اجلاس پي پي او بدران ڪي پي او ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد جا ڊي آءِ جيز شريڪ ٿيا ۽ ڪراچي جي چئني زونز جا ڊي آءِ جيز ۽ اي آءِ جيز شريڪ نه ٿيو.

اجلاس ۾ ڳالهائندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ ٻاراڻي حرڪت ڪئي آهي، آءِ جي گهرو سيڪريٽري جي اجازت کانسواءِ اسلام آباد ويو آهي ته ان خلاف محڪماتي ڪارروائي ٿيندي، آءِ جي جيڪڏهن سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪري ته عوام ان کي ناڪام بڻائي.

گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ ڪجهه آفيسرن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، مون اجلاس ۾  جن آفيسرن کي گهرايو آهي موجود آهن.

سهيل انور سيال چيو ته آءِ جي سنڌ جي اچڻ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، اي ڊي خواجه کان اڳ ئي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هئي.

هن چيو ته آءِ جي سنڌ 20هين گريڊ جو آفيسر آهي ۽ گهرو سيڪريٽري آڏو جوابدي آهي، جيڪي پوليس آفيسر ڪراچي ۾ موجود هئا انهن کي اجازت وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون، پوليس، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته اپيڪس ڪميٽي کي ٻڌايو هو ته ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون، ضرب عضب جيان آپريشن ردالفساد به ڪامياب بڻايو ويندو.

سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ انٽيليجنس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪيو هو، رمضان شريف دوران سڪيورٽي اولين ترجيح آهي.

گهرو وزير سهيل انور سيال پاران سنڌ بارڊر پوليس ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ايڊيشنل آءِ جي کي هاءِ وي ڪرائيم پوليس جي جوڙجڪ بابت سفارشن جي هدايت ڪندي چيو ته جلد شفارشون پيش ڪيون وڃن.

سهيل انور سيال پاران بارڊر پوليس جي بدلين،مقررين ۽ ترقين جي جوڙجڪ ڪري سفارشون ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

صوبائي وزير ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڪئي ته هاءِ وي ڪرائم پوليس جي بابت شفارشون پيش ڪيون ويون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*