عمران خان نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ عمران خان کان نيازي سروسز جي ٽيڪس ريٽرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

Supreme-Court-Pak-Imran-6517

عمران خان نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ عمران خان کان نيازي سروسز جي ٽيڪس ريٽرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا عمران خان گوشوارن ۾ ٽيڪس لڪايو آهي، الزام اهو آهي ته عمران خان صادق ۽ امين نه رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ چيف جسٽس ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ   عمران خان جي نااهلي لاءِ نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ عمران خان لنڊن جو فليٽ ظاهر ڪيو هو، آف شور ڪمپني ٽيڪس بچائڻ لاءِ ٺاهي ويندي آهي.

وڪيل اڪرم شيخ چيو ته 1997 ۾ به عمران خان اليڪشن ۾ حصو ورتو هو، انهي سال هن نامزدگي ڪاغذن ۾ لنڊن فليٽ ظاهر نه ڪيو اهو به رڪارڊ طلب ڪيو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايترو پراڻو رڪارڊ موجود به هوندو يا نه، جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته دستاويز گھرائي سگهجن ٿا.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته رڪارڊ مان ثابت ڪريو ته نيازي ڪمپني جا ڪي اثاثا ناهن.

 جسٽس فيصل عرب چيو ته نيازي سروسز جا ڪيترا شيئر هولڊرز هئا؟ ڇا نيازي سروسز ريٽرن جمع ڪرايا هئا.

وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ تفصيل فراهم ڪندو.

چيف جسٽس چيوته ڇا عمران خان گوشوارن ۾ ٽيڪس لڪايو آهي، الزام اهو آهي ته عمران خان صادق ۽ امين نه رهيو آهي،ڇا نيازي سروسز جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي هئا.

سپريم ڪورٽ عمران خان کان نيازي سروسز جي ٽيڪس ريٽرن جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*