ڀريا ٽائون ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازم سڪندر شيخ پاران پينشن جا رهيل پئسا ۽ گريجوئٽي نه ملڻ خلاف احتجاج طور پنهنجا معصوم ٻارڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ۾ هوڪا ڏيندو رهيو

tharushah muncipal mulazim

ڀريا ٽائون ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازم سڪندر شيخ پاران پينشن جا رهيل پئسا ۽ گريجوئٽي نه ملڻ خلاف احتجاج طور پنهنجا معصوم ٻارڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ۾ هوڪا ڏيندو رهيو.

 سڪندر شيخ پنهنجي چئن معصوم ٻارڙن اقراءَ، دعا، عليشا ۽ مولائي شيخ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ۾ هوڪا ڏيندو رهيو.

سڪندر شيخ چيو ته مان ٽائون ڪاميٽي ڀريا مان رٽائرڊ ٿيو آهيان، هڪ سال کان ٽي ايم اي ڀريا جي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان پر مونکي پينشن جا رهيل پيسا ۽ گريجوئٽي نه ملي رهي آهي.

هن چيو ته مان غربت سبب مجبور ٿي پنهنجا معصوم ٻچا وڪرو ڪري رهيو آهيان.

سڪندر شيخ چيو ته جيڪڏهن مون کي پينشن جا رهيل پئسا ۽ گريجوئٽي نه ڏني وئي ته انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*