سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ڪري ورتا آهن

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري ڪيس  جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل مڪمل  ڪري ورتا آهن،ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست گذار فيصل صديقي پنهنجا دليل ڏيندو، عدالت آءِ جي جي اسٽي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو وزارت پاران جواب داخل ڪرائيندي چيو  ويو ته آءِ جي سنڌ واري معاملي ۾ وفاقي گهرو کاتي جو ڪو به تعلق ناهي.

 وفاقي گهرو وزارت پاران جواب ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي کي هٽائڻ سنڌ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو معاملو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي مقرر ڪرڻ جو اختيار وفاق جو آهي ۽ اهو ان وٽ رهڻ گهرجي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 1993 جي معاهدي موجب وفاق ڪنهن هڪ شخص کي صوبي تي نه ٿو مڙهي سگهي پر اهو ان بابت مشاورت ڪرڻ جو پابند آهي.

عدالت آءِ جي جي اسٽي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*