سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو جنگ نه پر هڪ مخصوص سوچ ختم ڪرڻ سان ٿيندو

mariyam oranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو جنگ نه پر هڪ مخصوص سوچ ختم ڪرڻ سان ٿيندو، آپريشن ردالفساد ناڪاري سوچ رکندڙن خلاف ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گذريل 35 سسالن دوران هاڪاري سوچ ۾ واڌ آئي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان آئين ذريعي خودمختياري کي واضح ڪيو.

سندس چوڻ هو ته آپريشن ردالفساد ناڪاري سوچ رکندڙن خلاف ٿي رهيو آهي، پاڪستان لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

هن  چيو ته وزيراعظم جي وزن موجب آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، سندس ٽيم واڌائن جي مستحق آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ گڏيل منصوبابندي جا وڌيڪ رستا کندا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*