پاڪستاني هوائي فوج جو تربيتي جهاز پنجاب جي علائقي ميانوالي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو

pak fizia

پاڪستاني هوائي فوج جو تربيتي جهاز پنجاب جي علائقي ميانوالي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ پائلٽ محفوظ رهيا.

ميانوالي ويجهو منگل  والا واري علائقي ۾ هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.

هوائي فوج جي ترجمان موجب، حاثي ۾ پائلٽ ۽ ڪو پائليٽ محفوظ رهيا، جن کي معجزاڻي نموني رهڙ به نه آئي آهي.

هوائي فوج جي ترجمان موجب، ايف 7 پي جي جهاز پي اي ايف بيس ميانوالي تان معمول جي اڏام ڀري هئي.

ترجمان موجب، فني خرابي سبب ايف 7 پي جي  جهاز ڪري تباهه ٿيو، جهاز حادثي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*