رينجرس ڪراچي ۾ اسڪول تي ڪريڪر حملي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

رينجرس ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي گلشن اقبال بلاڪ ست ۾ اسڪول تي ڪريڪر حملي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ هيٺ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايس آءِ يو هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن 22 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

گلستان جوهر ۾ رينجرس هڪ هنڌ تي ڇاپو هڻي گلشنِ اقبال بلاڪ 7 ۾ گذريل ڏينهن هڪ اسڪول تي کلڻ کان اڳ ڪريڪر حملو ڪرڻ ۽ ڌمڪين وارا خط ڇڏڻ جي الزام هيٺ چئن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس آءِ يو نيو ڪراچي مان هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن 22 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ايس آءِ يو جو چوڻ آهي ته گرفتار ٽارگيٽ ڪلر جو هڪ مذهبي جماعت سان واسطو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*