پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته چمن بارڊر ويجهو پاڪ افغان سرحد تي گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي

Nafees-Zakria-14-4-16

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته چمن بارڊر ويجهو پاڪ افغان سرحد تي گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي، فليگ ميٽنگ بعد ئي باب دوستي کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي لتاڙ جو نوٽيسن وٺن.

هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته گذريل ڏينهن ڀارتي فورسز پاران گڏيل قومن جي مبصرن تي فائرنگ ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير جي آزادي تحريڪ تي دهشتگردي جا الزام لڳائي رهيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو معصوم ڪشميرين کي انساني ڍال طور استعمال ڪرڻ بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.

نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي فوج جي ٻارڙن، عورتن ۽ انگريزن تي ظلم ۽ مسجدن خلاف ڪارروائي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ افعانستان وچ ۾ فليگ ميٽنگ جاري آهي، جنهن بعد باب دوستي کولڻ جو سوچيو ويندو.

نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت طرفان هن وقت تائين پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي شهري شيخ نبي احمد تائين قونصلر رسائي جي درخواست نه ڪئي وئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*