مالي سال 2016- 17 دوران معاشي ترقي، ايڪسپورٽ ۽ سيڙپڪاري سميت اهم هدف حاصل نه ٿي سگهيا

ishaq dar

مالي سال 2016- 17 دوران معاشي ترقي، ايڪسپورٽ ۽ سيڙپڪاري سميت اهم هدف حاصل  نه ٿي سگهيا. اسحاق ڊار چيو ته معاشي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، 2013 ۾ معاشي ترقياتي شرح 3 سيڪڙو هئي، هن سال ترقي جي شرح 5.28 سيڪڙو رهي، جيڪو ڏهن سالن اندر پهريو ڀيرو ٿيو آهي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مالي سال 2016- 17 جي اقتصادي سروي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته معاشي ترقي 5 ڏهائي 3 رهي جيڪا 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته زرعي ترقي ۾ وزيراعظم جي هاري پيڪيج اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، صنعتي شعبي ۾ به 5 ڏهائي ٻه سيڪڙو ۽ بجلي جي پيداور 3 ڏهائي 4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

 هن چيو ته ملڪ ۾ غربت جي شرح 29 سيڪڙو ۽ بي روزگاري جي شرح 5 ڏهائي 9 آهي، پرڏيهي قرض چئن سالن دوران وڌي 20 هزار 872 ارب رپيا ٿي ويو آهي،

هن چيو ته معاشي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي، مجموعي طور ملڪي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي، ترقي جي شرح 5.28 سيڪڙو رهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته جي ڊي پي ۾ واڌ عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو، صنعتي شعبي 5.2 سيڪڙو ترقي ڪئي، زرعي ترقي 3.5 سيڪڙو رهي.

هن چيو ته ننڍين صنعتن جي 8.18 ۽ وڏين جي  ترقي 4.9 سيڪڙو رهي،  اهم فصلن جي ترقي 4.12 سيڪڙو رهي، بجلي پيداوار 3.4 سيڪڙو وڌي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال معاشي ترقي جو هدف 6 سيڪڙو رکيو آهي، پهريون ڀيرو پاڪستاني معيشت جو حجم 3 سئو ارب ڊالر رهيو.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زراعت ۾ 340 ارب رپين جي پيڪيج فائدو ڏنو، معيشت ۾ واڌ کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو، چانور ۽ ڪمند جي شرح ۾ 4.12 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته ڊي اي پي جي في ٻوري 2500 تائين وئي، 10سالن ۾ پهريون ڀيرو 5 سيڪڙو کان وڌيا آهيون. زرعي ترقي ۾ وزيراعظم جي هاري پئڪيج اهم ڪردار نڀايو.

هن وڌيڪ چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي شرح 3 سيڪڙو هئي، ڪپهه جي پيداوار ۾ هلندڙ سال واڌ ٿي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار 25.75 ملين ٽن رهي، ڪمند جي پيداوار 73.61 ملين ٽن رهي، عالمي بئنڪ ايندڙ سال ڊي پي لاءِ نئون طريقو متعاف ڪرائيندي.

هن چيو ته جولاءِ کان اپريل تائين مهانگائي جي شرح جوڳي رهي، پلانٽ مشينري جي درآمدي 10 سيڪڙو رهي، درآمدي ۾ 45.48 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي، وياج جي شرح 5.75 سيڪڙو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*