ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، سرجاني ٽائون مان هڪ شخص جو 5 ڏينهن پراڻو لاش هٿ ڪيوويو آهي

Karachi-Firing-10916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن  ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، سرجاني ٽائون مان هڪ شخص جو 5 ڏينهن پراڻو لاش هٿ ڪيوويو آهي.

صفوران چورنگي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن جو لاش  جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

ڪورنگي جي ضياءَ ڪالوني ۾ به اڻڄاتل هٿيابندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جولاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

بلوچ ڪالون پل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر مان پيرسن جو لاش هٿ ڪيو ويو، جيڪو ريسڪيو ٽيمن کڻائي اسپتال پهچايو.

پوليس موجب، لاش 5 ڏينهن پراڻو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*