نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندو

ishaq dar

نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏيندي

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 940 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پگهارن ۾ به 10 کان 15 سيڪڙو تائين اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.

نوازليگ پهريون ڀيرو پنهنجي اقتداري تاريخ جي پنجين بجيٽ پيش ڪري نئين تاريخ لکي رهي آهي.

حڪومت پاران پارٽي ميمبرز ۽ اتحادين کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اپوزيشن جماعتن به حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

وفاقي حڪومت پاران 300 شين تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي، سگريٽ، ميڪ اپ جي سامان سميت اليڪٽرانڪ مصنوعات مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي..

نئين مالي سال جي لاءِ غيرملڪي قرضن جي ادائيگي لاءِ 14 سئو هڪ ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي لاءِ  ٻن مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي واڌ واري پهرين تجويز ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان گڏ ايڊهاڪ رليف ضم ڪيو ويو، ٻئين تجويز ۾ ايڊهاڪ رليف گپهارن ۾ ضم ڪرڻ بعد موجوده پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو غور هيٺ آهي.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ايف بي آر ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ 15 سيڪڙو جي واڌ جو هدف مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*