ڏهرڪي ٿاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويل نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ ڪيس ۾ ڪوارٽر گهاٽ ٿيل اڳوڻو ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو پوليس لائين مان فرار ٿي ويو

dharki

ڏهرڪي ٿاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويل نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ ڪيس ۾ ڪوارٽر گهاٽ ٿيل  اڳوڻو ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو پوليس لائين مان فرار  ٿي ويو، پوليس لائين جي وڏي منشي عبدالحميد چاچڙ چيو آهي ته اڳوڻو ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو ڪوارٽر گهاٽ ۾اهلڪارن سان وڙهڻ بعد فرار ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ولي الله دل واقعي جي جاچ سلسلي ۾ ڏهرڪي پهچي ويو،واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري سڀني ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪندو.

آءِ جي سنڌ واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ولي الله دل کي جاچ آفيسر مقرر ڪيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*