سنڌ هاءِ ڪورٽ پاور آف اٽارني بابت ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاور آف اٽارني بابت ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته اها ڄاڻ ٽرائل ڪورٽ ۾ نه ڏني وئي ۽ ملڪيت جو انڪشاف به بعد ۾ ٿيو آهي.

جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڊاڪٽر عاصم جي پارو آف اٽارني واري داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل پنهنجا دليل مڪمل ڪيا.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته دبئي ۾ سند اصيل جو پراڻو بزنس آهي، جنهن ۾ ڪا به ڀڃڪڙي نه ٿي آهي، جيڪڏهن ڀڇڪڙي ٿي آهي ته نيب ڪي ثبوت فراهم ڪري.

ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين دليل ڏيندي چيو ته اها ڄاڻ ٽرائل ڪورٽ ۾ نه ڏني وئي ۽ ملڪيت جو انڪشاف به بعد ۾ ٿيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ پاور آف اٽارني منتقل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ڊاڪٽر عاصم درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته پرڏيهه ۾ موجود سندس ملڪيت جا اختيار سندس پٽ کي منقتل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*