ٺٽي ۾ هفتو اڳ عدالت ۾ پيشي بعد واپس ويندڙن تي حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڳوٺاڻواسپتال ۾ فوت ٿي ويو

Thatta24-8

ٺٽي ۾ هفتو اڳ عدالت ۾ پيشي بعد واپس ويندڙن تي حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڳوٺاڻواسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن سان حملي ۾قتل ٿي ويل ڳوٺاڻن جو تعداد وڌي 4 ٿي ويو آهي.

زخمي محمد خان ڀٽي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو،جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

مقتول محمد خان ڀٽي جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ گھوڙاٻاري پهچايو ويو.

هفتو اڳ گهوڙا ٻاري جا رهاڪو ڀٽي برادري جاڳوٺاڻا سيشن ڪورٽ ٺٽي ۾ڪيس جي ٻڌڻي بعد سوزوڪي ۾ واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ڪورٽ ويجھو ڪار سوار هٿيار بندن مٿن فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب حاڪم علي ڀٽي ، خمن ڀٽي۽ حاجي خان ڀٽي قتل ٿي وياهئا، جڏهن ته محمد خان ڀٽي سخت زخمي ٿي پيوهو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.

واقعي بابت مڪلي پوليس جو چوڻ هو ته 7 مهينا اڳ گھوڙاٻاري ۾ سيد ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سوزوڪي جي ڀاڙي تان جھيڙو ٿي پيوهو، جنهن ۾غلام محمد شاهه سميت سيد برادري جا ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا هئا،جنهن بعد ڀٽي ۽ سيد برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*