لعلورائنڪ ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

lalu rakian loadshadding

لعلورائنڪ ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

عبدالحليم ڇٽو ۽ محمد صديق خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شهرين ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب  ٽريفڪ  معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ شهرين چيو ته سيپڪو عملدار ڄاڻي واڻي شهر ۾ 18-18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين ڏانهن واڌو بل موڪلي رهيا آهن.

هنن چيو ته 18، 18 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري شهري گرمي سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شهرين سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته شهر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*