شهدادپور ۾ ڳوٺ کي بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي تڪ جي ايم پي اي جي گھر آڏو ڌرڻو هنيو

shahdadpur

شهدادپور ۾ ڳوٺ کي بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي تڪ جي ايم پي اي جي گھر آڏو ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ بهادر ڪلوئي جي رهواسين آصف ڪلوئي، سجاد ڪلوئي، صدام کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان احتجاجي ريلي ڪڍي  تڪ جي ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم جي گھر ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي بنيادي سهولتن جي اڻهوند خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سندن ڳوٺ جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا ٿي ويو آھي، جنهن ڪري گٽرن جو گندو پاڻي ڳوٺ جي روڊ، گهٽين، اسڪول ۽ گهرن ۾ تلائن  جي صورت ۾ بيٺل آهي.

هنن چيو ته ڳوٺ ۾بجلي جون تارون به  ناڪارا ٿي  ويون آهن، جنهن سبب ڪنهن به وقت جاني نقصان جو خدشو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته گندي پاڻي جو نيڪال ڪري بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*