پشاور ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪندڙ تحريڪ انصاف جا مڇريل ڪارڪن هزار خواني گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا ۽ انهن بند پيل فيڊرز کي کولي بجلي بحال ڪئي

peshawar loadsheding

پشاور ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪندڙ  تحريڪ انصاف جا مڇريل ڪارڪن هزار خواني گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا ۽ انهن بند پيل فيڊرز کي کولي بجلي بحال ڪئي.

پي ٽي آءِ ڪارڪن صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فضل الاهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي هزار خواني گرڊ اسٽيسن ۾ داخل ٿيا ۽ انهن گو نواز گو جا نعرا هنيا.

احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪيترن ئي علائقن جي بند پيل فيڊرز  کي پاڻ ئي کولي ڇڏيو، جنهن بعد بجلي بحال ٿي .

فضل الاهي چيو ته هزار خواني فيڊر سان لاڳاپيل 100 ڳوٺن ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيدنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن کين بجلي نه ڏني وئي ته  هو پاڻ اڳتي ايندا.

پيسڪو ترجمان چيو آهي  ته ڪي پي  ۾ 70 سيڪڙو  خسارو هئڻ باوجود  رمضان   ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آندي ويندي.

پيسڪو ترجمان جن علائقن ۾ بجلي جي چوري ٿئي ٿي، انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*