ڳڙهي خيرو ۾ نوجوان صيفل ڏاهاڻي جي گرفتار ي خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

ghari khero pro

ڳڙهي خيرو  ۾ نوجوان صيفل ڏاهاڻي جي گرفتار ي خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ دودو ڏاهاڻي جي رهواسين نظام الدين ڏاهاڻي ۽ صدام حسين ڏاهاڻي جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪندي چيو ته  3 ڏينهن اڳ ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو جي گن مين رياض خروس، مجيب ڪوري ۽ رضا محمد چانڊيو نوجوان صيفل ڏاهاڻي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس صيفل ڏاهاڻي جي آزادي لاءِ 2 لک رپيا رشوت گھري رهي آهي پر اسان غريب هئڻ سبب اها رقم ادا نٿا ڪري سگهون.

 هنن چيو ته پوليس رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان صيفل ڏاهاڻي کي هاف فراءِ ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني آهي.

مظاهرين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نوجوان صيفل ڏاهاڻي کي آزاد ڪرائي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*