تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آبادگارن تي تشدد آمراڻي سوچ آهي
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آبادگارن تي تشدد آمراڻي سوچ آهي، حڪومت طاقت ڏيکارڻ بدران عوام کي حق ڏئي.
ڪسان اتحاد جي مظاهري تي پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ جي مذمت ڪندي عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي نظر ۾ هارين جي ڪا به اهميت نه آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت کي طاقت ڏيکارڻ بدران شهرين کي پنهنجا جائز ۽ بنيادي حق ڏيڻ گهرجن.
هن چيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو پنهنجي جائز ۽ بنيادي حقن کان محروم نظر اچي رهيا آهن.
پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته حڪومت جي گڊ گورننس ۽ بهتري واريون دعوائون صرف دعوائون آهن، انهن ۾ ڪا به حقيقت نه آهي……